ٽائيپ ٽو شگر سبب دماغ ڪمزور ٿي ويندو آهي: ماهر #Health - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, December 18, 2018

ٽائيپ ٽو شگر سبب دماغ ڪمزور ٿي ويندو آهي: ماهر #Health


Type 2 diabetes mellitus, brain atrophy and cognitive decline in older people: a longitudinal studyهوبارٽ ( ويب ڊيسڪ ) اسان ڄاڻو ٿا ته ٽائپ ٽو شگر، شگر جي بيماري جو سڀ کان عام قسم آهي ۽ پوري جسم تي ان جا اثر پوندا آهن. هاڻ ماهرن پهريون ڀيرو هڪ ڊگهي سروي ۾ ٽائپ ٽو شگر ۽ دماغي صلاحيتن وچ ۾ ڳانڌاپو ڳولي ورتو آهي.  يورپي شگر تنظيم جي ويب سائيٽ ” ڊايبيٽائلوجيا “ ۾ پڌري ٿيل هڪ رپورٽ موجب آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ تسمانيا يونيورسٽي جي ماهرن لڳاتار پنجن ورهين تائين شگر جي مريضن جو جائزو ورتو. ان دوران هنن ان بيماري ۾ دماغي ڪيفيتن ۽ دماغي سرگرمين ۾ ڪمي کي خاص طور تي هدف بڻايو. ماهرن 55 کان 90 سالن جي اهڙن 705 مريضن جو جائزو ورتو جيڪي وڌندڙ عمر سان گڏوگڏ ڪرندڙ دماغي صلاحيتن جو شڪار هئا. ان 348 ماڻهو شگر جو شڪار هئا جڏهن ته 357 کي اهڙي ڪا به بيماري نه هئي. سمورن مريضن جا ايم آر آءِ اسڪين  ورتا ويا ۽ سندن دماغي صلاحيتن جو جائزو ورتو ويو.  جنهن بعد لڳاتار 5 ورهين تائين سمورن مريضن جي 7 قسمن جا معياري دماغي ٽيسٽ ورتا ويا پر بيماري سان گڏ ۽ بيماري کانسواءِ ٻنهي گروپن ۾ دماغي صلاحيتن ۾ هڪجهڙي ڪمي نوٽ ڪئي وئي.  ماهرن چيو ته جن ماڻهن کي شگر هئي انهن ۾ ڳالهه ٻولهه جي تيزي ۽ ڳالهين بابت يادگيري ۾ واضح ڪمي نوٽ ڪئي وئي پر ماهرن چيو ته ورزش، زندگي جي طور طريقن ۽ خوراڪ  ذريعي ان نقصان جو پورائو ڪري سگهجي ٿو.

The post ٽائيپ ٽو شگر سبب دماغ ڪمزور ٿي ويندو آهي: ماهر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages