اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خانگي ٽيم جي ڪئمرا مين واجد علي جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ٽن محافظن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ متاثر ڪئمرا مين جي درخواست تي نواز شريف جي ٽن سڪيورٽي گارڊن کي شامل ڪيو ويو آهي. 506 ٽو، 355 ڪي تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ سڪيورٽي گارڊ شڪور ۽ٻين ٻن ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. متاثر شخص ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته پارليامينٽ جي اجلاس لاءِ پنهنجي آفيس طرفان معمول جي ڪوريج تي مقرر هو ۽ نواز شريف جي واپسي لاءِ فوٽيج ٺاهي رهيو هو. ايف آءِ آر جي متن موجب نواز شريف جي چيف سڪيورٽي گارڊ جي چوڻ تي ٻين ٻن اهلڪارن مٿس تشدد ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ زخمي ٿي بيهوش ٿي ويس ۽ ساٿين اسپتال پهچايو.
The post نواز شريف جي ٽن محافظن تي ڪئمرا مين مٿان تشدد جو ڪيس داخل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment