زرداري ۽ شهباز شريف کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه #National - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, December 18, 2018

زرداري ۽ شهباز شريف کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه #National


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آصف زرداري، شهباز شريف يا اسان کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، عمران خان جي حڪومت پاڻ ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان کي عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف يا اسان کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي هي ته پاڻ ڪري رهيا آهن، وٽن اڄ به جيڪا اڪثريت آهي اها پنهنجي ناهي، بي اين پي مينگل، ايم ڪيو ايم، باپ، ٻه ٽه پارٽيون آهن جن جي اڪثريت آهي، اسان ته چاهيون ٿا ته نظام هلي، مڊٽرم اليڪشن ٿي ته ته هي ٻيهر اچڻ جو نه سوچين، مڊ ٽرم ٿي ته ڇا هي 2013ع واريون 35 سيٽون به کٽي سگهندا، هاڻي ڪراچي مان ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جون11 سيٽون کسيون ويون آهن اهي نه ملنديون. خورشيد شاهه چيو ته تحريڪ لبيڪ کي بيهارڻ سان کين 30 جي لڳ ڀڳ وڌيڪ سيٽون مليون، جيڪا هاڻي هنن کان ناراض آهن، اسان جي ڪجهه ادارن 30، 35 سٺا ماڻهو پڪڙي ڏنا هئا، اهي اليڪٽ ايبلز ناراض آهن، سندن پارٽي جا پنهنجا ماڻهو ناراض ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ڪابينا اهڙين تنظيمن سان ملاقاتون ڪري رهي آهي جيڪي شڪ جي دائري ۾ اچن ٿا، مهانگائي وڌي رهي آهي، هي پنهنجون غلطيون لڪائي رهيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته اسان نيب قانون ۾ ترميم سميت هر ان شيءَ لاءِ تيار آهيون جنهن سان ملڪ بهتر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته هڪ سال ۾ 2 ڀيرا بجيٽ آندي وئي، هاڻي ٽئين جي تياري آهي، حڪومت کي رڳو تيل مان اربين رپيه اضافي ملي رهيا آهن.

The post زرداري ۽ شهباز شريف کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages