جوهانسبرگ ( اسپورٽس نيوز ) ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ جوهانسبرگ ۾ موجود قومي رانديگرن فٽنس مسئلن مان ڇٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوپنر فخر زمان، فاسٽ بالر محمد عباس ۽ اسپنر شاداب خان اڃا تائين فٽنس مسئلن جو شڪار آهن. ذريعن موجب فخر زمان گوڏي، محمد ڪلهي ۽ شاداب خان گروئن انجري مان مڪمل طور ڇٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيا. ذريعن موجب شاداب خان ۽ محمد عباس سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ نه کيڏي سگهندا جڏهن ته اوپنر فخر زمان جي شرڪت پڻ شڪي آهي. قومي ٽيم سڀاڻي کان ڏکڻ آفريڪن انويٽيشن اليون خلاف پريڪٽس ميچ کيڏندي جنهن لاءِ رانديگر بينوني ۾ ٽريننگ ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران پاڪستان کي پروٽيز خلاف 3 ٽيسٽ، 5 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻي آهي. ڏکڻ آفريڪا خلاف قومي اسڪواڊ ڪپتان سرفراز احمد، امام الحق، فخر زمان، اظهر علي، حارث سهيل، اسد شفيق، شان مسعود، بابر اعظم، محمد رضوان، ياسر شاهه، شاداب خان، محمد عباس، حسن علي، محمد عامر، شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف تي ٻڌل آهي.
The post ڏکڻ آفريڪا جو دورو : قومي ٽيم جا اهم رانديگر فٽنس مسئلن جو شڪار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment