لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ايپل ۽ گوگل پلي اسٽور تي اهڙيون ڪيئي ايپليڪيشن موجود آهن جن سان اوهان پنهنجن ٻارن ۽ جيون ساٿي جي سمارٽ فون جي جاسوسي ڪري سگهو ٿا. گهريلو تشدد جي روڪٿام ۽ انساني حقن جي تنظيمن اهڙين ايپ جي پکيڙ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ان ۾ اڪثر ايپ ته رڳو واهپيدارن جي سرگرمي ۽ هنڌ کي نوٽ ڪنديون آهن پر ڪجهه بدنام ايپليڪيشن نه رڳو ڪال رڪارڊ ڪرڻ، ٽيڪسٽ معلوم ڪرڻ ۾ مددگار هونديون آهن پر سوشل ميڊيا جي سرگرمي پڻ نوٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. ان ايپ جي مدد سان برائوزنگ هسٽري جو پڻ پتو لڳائي سگهجي ٿو. انهن مان هڪ اپ جو نالو ايم اسپائي آهي جنهن جي قيمت پاڪستاني 26 هزار رپيا( 149.99 برطانوي پائونڊ ) ساليانو آهي. ڪمپني موجب ان کي ٻارن جي فون سرگرمي کي نوٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو جنهن جي مدد سان ٻارن جي ٽيڪسٽ پيغامن، ڪال، جي پي ايس استعمال ڪرڻ جو وقت، واٽس ايپ ۽ ٻين سرگرمين کي نوٽ ڪري سگهجي ٿو. ايم اسپائي جي خاص ڳالهه اها آهي ته خاموشي سان انسٽال ٿيڻ کانپوءِ ايپ سمارٽ فون تي ڪٿي به نظر ناهي ايندي ۽ بنهه خاموشي سان پنهنجو ڪم انجام ڏيندي رهندي آهي. اهو کي ڪارڻ آهي جو اولهه وارن ملڪن ۽ يورپ ۾ ماڻهو ان کي پنهنجي گهرواري يا گرل فرينڊ تي نظر رکڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ هڪ برطانوي واهپيدار چيو ته ايپ واٽس ايپ جي ڊيليٽ ٿيل پيغام پڻ ڏيکاري ٿي، جنهنڪري اها تمام گهڻو فائديمند پڻ آهي، ان کان سواءِ ساليانو چار هزار فيس وٺندڙ اهڙيون ايپليڪيشن پڻ موجود آهن جيڪي اوهان کي ڪيترن پاسن کان ٻين جي جاسوسي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. ٻارن کي محفوظ بڻائڻ واريون ايپ گهڻو مشهور آهن پر مٿن جاسوسي جو عنصر غالب هوندو آهي ۽ سندن موبائيل فونن ۾ اها ڳجهي ايپ انسٽال ڪري سندن نگراني ڪئي ويندي آهي، پر اها ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي پر ڪيئي اهڙيون نيون ايپس تيار ٿي چڪيون آهن جيڪي واهپيدارن لاءِ بلڪل مفت انسٽال ڪري سگهن ٿا ۽ ان کي ٻين جي نگراني لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.
The post ايپل ۽ گوگل تي ”جاسوسي“ ڪندڙ ايپ وڪرو لاءِ پيش appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment