سڊني ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو . آءِ سي سي سڊني مينز اينڊ وومين ٽي عالمي ڪپ جي تاريخن جو اعلان ڪيو جيڪو ايندڙ سال آسٽريليا ۾ ٿيندو. ٽي ٽوئنٽي عالمي 18 آڪٽوبر کان 15 نومبر 2020ع تائين جاري رهندو، جنهن ۾ 16 ٽيمون 45 ميچون کيڏنديون ۽ ايونٽ جي سموريون ميچون آسٽريليا ۾ ئي کيڏيون وينديون، ويسٽ انڊيز جي ٽيم پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. مينز عالمي ڪپ جو پهريون رائونڊ 18 آڪٽوبر کان 30 آڪٽوبر تائين کيڏيو ويندو، سريلنڪا بنگلاديشن جون ٽيمون ڪواليفائر ٽيمن سان پهريون رائونڊ کيڏينديون ۽ چار ٽيمون پهرين رائونڊ کان اڳئين مرحلي ۾ ڪواليفائي ڪنديون جڏهن ته سپر 12 مرحلا 24 آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين کيڏيو ويندو. پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون الڳ الڳ گروپ ۾ شامل آهن، گروپ ون ۾ پاڪستان آسٽريليا، ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ، ۽ 2 ڪواليفائر ٽيمون شامل آهن جڏهن ته گروپ ٽو ۾ ڀارت، انگلنيڊ، ڏکڻ آفريڪا، افغانستان ۽ 2 ڪواليفائر ٽيمون شامل هونديون. پاڪستاني ٽيم 24 آڪٽوبر بنگلاديش خلاف ايونٽ جو پهريون ميچ کيڏندي، قومي ٽيم 29 آڪٽوبر تي ڪواليفائر ٽيم ۽ 31 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي. گرين شرٽس 3 نومبر تي ويسٽ انڊيز ۽ 6 نومبر تي ٻي ڪواليفائر ٽيم سان ميچ کيڏندي. ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 11 نومبر تي سڊني ۽ ٻيو سيمي فائنل 12 نومبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏيو ويندو ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2020ع جو فائينل 15 نومبر تي ميلبورن ۾ کيڏيو ويندو. اهڙي ريت وومين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جون 10 ٽيمون 23 ميچون کيڏنديون ۽ ايونٽ ايندڙ سال 21 فيبروري کان 8 مارچ تائين کيڏيو ويندو.
The post آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي 2020ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment