پي ايس ايل 4: گل پانڙا پشاور زلمي جي برانڊ ايمبيسڊر مقرر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 29, 2019

پي ايس ايل 4: گل پانڙا پشاور زلمي جي برانڊ ايمبيسڊر مقرر


Pashto singer Gul Panra joins Peshawar Zalmi as regional brand ambassadorدبئي ( ويب ڊيسڪ ) پشاور زلميءَ خيبرپختونخوا صوبي سان تعلق رکندڙ خوبرو گلوڪارا گُل پانڙا کي پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي چوٿين سيزن لاءِ پنهنجو علائقائي ايمبيسڊر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پشاور زلمي طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو ويو ته گُل پانڙا پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن لاءِ علائقائي برانڊ ايمبيسڊر طور پشاور زلمي، زلمي گلوبل ۽ زلمي فائونڊيشن ۾ شامل ٿي وئي آهي. يعني ڳائڻي پشاور زلمي جي مشهوري سان گڏوگڏ زلمي فائونڊيشن تحت عورتن کي خود مختيار بڻائڻ بابت سرگرمين جو به حصو هوندي.  ٽوئيٽر تي مداحن کي اهو به ٻڌايو ويو ته گلوڪارا پي ايس ايل سيزن 1 ۾ پشاور جو ترانو ڳايو هو ۽ هاڻ هوءَ سيزن 4 لاءِ به ڪجهه زبردست تياري ڪري رهي آهي. گل پانڙا به ٽوئيٽر تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.  سندس چوڻ هوته منهنجا جيترا به پرستار آهن، مان انهن مان اميد ڪريان ٿي ته هو پشاور زلمي جو ڀرپور ساٿ ڏيندا ۽ ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي.  پشتو ۽ اردو ٻولي ۾ شاندار گلوڪاري ذريعي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ گل پانڙا ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ به ڪيئي گيت ڳائي چڪي آهي.

The post پي ايس ايل 4: گل پانڙا پشاور زلمي جي برانڊ ايمبيسڊر مقرر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages