روهت شيٽي جي هاڻي سلمان خان سان گڏ قسمت آزمائيندو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

روهت شيٽي جي هاڻي سلمان خان سان گڏ قسمت آزمائيندو


ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو هدايتڪار روهت شيٽي هاڻي دبنگ سلمان خان سان گڏ به قسمت آزمائڻ لاءِ تيار آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هدايتڪار روهت شيٽي جيڪو بلاڪ بسٽر فلمون ڏئي رهيو آهي هاڻي هو سلمان خان سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ روهت شيٽي ۽ هدايتڪار ساجد ناڊيا والا وچ ۾ پراجيڪٽ بابت ڪافي ملاقاتون ٿيون آهن جنهن بعد هن سلمان خان کي ايڪشن سان ڀرپور پوليس واري جي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.رپورٽن  موجب فلم جي شوٽنگ جي شروعات سلمان خان جي فلم “ڀارت” ۽ “دبنگ3” جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪئي ويندي جڏهن ته فلم ايندڙ سال ريليز ڪئي ويندي. ان حوالي سان هدايتڪار ساجد ناديا والا جو چوڻ هو ته مون کي يقين آهي ته سلمان خان ۽ روهت شيٽي سان گڏ پراجيڪٽ ڪامياب ٿيندو.

The post روهت شيٽي جي هاڻي سلمان خان سان گڏ قسمت آزمائيندو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages