پاڪ فوج برف ۾ ڦاٿل 7 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, January 27, 2019

پاڪ فوج برف ۾ ڦاٿل 7 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو


راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ آرمي ايوي ايشن جي جوانن ڪوهستان ۾ ريسڪيو آپريشن ڪري 7 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوانن ڪوهستان جي ڳوٺ سرتولوهي جلڪوٽ ۾ برف ۾ ڦاٿل 7 ڄڻن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪيو. سمورا ماڻهو 72 ڪلاڪن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيا، جن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته برف ۾ ڦاٿل سمورن ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

The post پاڪ فوج برف ۾ ڦاٿل 7 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages