راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ – افغان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ سبب دهشتگرد حملن جو سلسلو رڪجي ويو آهي، پرامن اتر وزيرستان تعمير ۽ ترقي ڏانهن وڌي پيو، فاٽا جي عوام کي برابر حق ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وزيرستان ۾ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن پشاور، ميرانشاهه، غلام خان بارڊر ٽرمينل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين ڪمانڊر پشاور ڪور ۽ جي سي او اتر وزيرستان سان ملاقات پڻ ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪ – افغان سرحد تي خاردار تار نه هجڻ سبب دهشتگرد ايندا هئا، آرمي چيف جو خيال هو ته سرحد محفوظ هجڻ گهرجي، خاردار تار لڳائڻ سبب سرحد کان حملن جو سلسلو بيهجي ويو. هن چيو ته 70 ورهين کان غير علائقو سڏيو ويندڙ هاڻ پاڪستان جو حصو آهي، پرامن اتر وزيرستان تعمير ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي، فاٽا جي عوام کي برابر حق ملندا.
The post اتر وزيرستان تعمير ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي: پاڪ فوج جو ترجمان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment