اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) روسي صدر جي افغانستان بابت خاص نمائندي ضمير ڪابلوف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران خطي جي موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس ۾ وفد جي سطح تي ٿيل ملاقات دوران روسي خاص نمائندي چيو ته افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جو ڪردار نهايت اهم آهي، افغان امن عمل بابت پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ، مجموعي طور تي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته افغان امن عمل لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.روسي صدر جو خاص نمائندو ضمير ڪابلوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهي.
The post پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان روسي صدر جي خاص نمائندي جي ملاقات appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment