ممبئي ( ويب ڊيسڪ )بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار انيل ڪپور انڪشاف ڪندي چيو آهي ته گذريل ٻن ورهين کان ڪلهي جي سخت تڪليف ۾ مبتلا آهيان. هيمشه خوش ۽ فٽ نظر ايندڙ بالي ووڊ جي سدا بهار اداڪار انيل ڪپور پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته آءُ گذريل ٻن سالن کان ”ڪلاسيفڪيشن“ نالي بيماري ۾ مبتلا آهيان ان بيماري ۾ ڪيلشيم ڪلهي ۾ جمع ٿي ويندي آهي جنهن سبب ڪلها سڪي ويندا آهن ۽ انهن ۾ سخت تڪليف هوندي آهي. انيل ڪپور چيو ته منهنجي ساڄي ڪلهي ۾ تڪليف آهي ۽ هو هلندڙ سال اپريل ۾ پنهنجي بيماري جو علاج ڪرائڻ لاءِ جرمني ويندو. انيل ڪپور ٻڌايو ته ماضي ۾ هو فلمن ۾ پنهنجا اسٽنٽس پاڻ ڪندو هو جنهن سبب هن جو ڪلهو متاثر ٿيو.
The post انيل ڪپور ڪهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment