جوهانسبرگ ( ويب ڊيسڪ ) شعيب ملڪ ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جي ننڍڙي شهزادي جي نئين تصوير منظرعام تي ايندي ئي وائرل ٿي وئي آهي.شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيه مرزا پنهنجي پٽ اذهان مرزا ملڪ جي نئين تصوير ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ثانيه ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ون ڊي ميچ پٽ سان گڏ ڏٺي ۽ پٽ جو ڪئميرا سان تصويرون ڪڍڻ جو شوق به ظاهر ڪيو آهي.تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ثانيه مرزا پنهنجي پياري پٽ اذهان سان گڏ خوش نظر اچي رهي آهي، ثانيه مرزا اڪثر پنهنجي پٽ سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي آهي.
The post شعيب ملڪ جي گهرواري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا اڄڪلهه ڪٿي آهي؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment