ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي ڪراچي آمد دير جو شڪار ٿي وئي آهي. سرفراز احمد کي اڄ ڪراچي اچڻو هو پر هو هاڻ اڱاري جي شام ڪراچي پهچندو. ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ( آءِ سي سي ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد تي نسلي تعصب جي قانون جي ڀڃڪڙي تي چئن ميچن جي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. جنهن بعد پي سي بي سرفراز احمد کي فوري ڏيهه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ کيس پهرين اُڏام ذريعي ڏکڻ آفريڪا کان پاڪستان اچڻ جي هدايت ڪئي هئي. ذريعن موجب سومر تي سرفراز احمد پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيمسان گڏ جوهانسبرگ کان ڪيپ ٽائون روانو ٿي ويو آهي. ڪيپ ٽائون ۾ سرفراز احمد کي پاڪستان سپر ليگ لاءِ هڪ شربت ٺاهن واري ڪمپني جي شوٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻي آهي. ڪراچي اچي سرفراز احمد ڪجهه ڏينهن آرام ڪندو ۽ ان کانپوءِ پاڪستان سپر ليگ جي تياري شروع ڪندو. ڪيپ ٽائون ۾ ڪجهه ڪلاڪ ترسڻ بعد سرفراز احمد پاڪستاني وقت موجب رات هڪ وڳي ڪيپ ٽائون کان جوهانسبرگ لاءِ روانو ٿيندو ۽ اڱاري جي شام دبئي رستي ڪراچي پهچندو.
The post قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي پاڪستان واپسي دير جو شڪار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment