ممبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل شڪي بالنگ ايڪشن تي ڀارتي بالر امباتي رائيدو کي بالنگ کان روڪي ورتو. ڀارت جي پارٽ ٽائم بالر امباتي رائيدو جو بالنگ ايڪشن 12 جنوري تي آسٽريليا خلاف ميچ ۾ شڪي قرار ڏنو ويو هو. آءِ سي سي امباتي رائيدو کي بالنگ کان روڪيندي 14 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ڀارتي بالر ان دوران پنهنجي بالنگ ٽيسٽ نه ڪرائي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امباتي رائيدو جي بالنگ تي پابندي ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين هو پنهنجي بالنگ ايڪشن جي ٽيسٽ نٿو ڏئي ۽ سندس بالنگ ايڪشن کي قانوني قرار نٿو ڏنو وڃي. آءِ سي سي وڌيڪ چيو آهي ته امباتي رائيدو تي بي سي سي آءِ جي اجازت سان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بالنگ ڪرائڻ تي ڪنهن به قسم جي پابندي ناهي.
The post ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اهم رانديگر تي پابندي لڳي وئي…. شوقين ڏکارا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment