تَريل کاڌا موت جي مُنهن ۾ وٺي وڃن ٿا… ڇرڪائيندڙ تحقيق سامهون اچي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

تَريل کاڌا موت جي مُنهن ۾ وٺي وڃن ٿا… ڇرڪائيندڙ تحقيق سامهون اچي وئي


واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته تَريل کاڌا ۽ فاسٽ فوڊ وچين عمر جي ماڻهن ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ انهن جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪنهن به حساب سان درست ناهي. برٽس ميڊيڪل جرنل ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب ان ڏس ۾ آمريڪا ۾ هڪ سروي ڪئي وئي، جنهن ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورتن ۽ فرائيڊ فوڊ وچ ۾ واسطو واضح طور سامهون آيو آهي. مطالعي ۾ 50 کان 79 سالن جي 106،966 عورتن کي شامل ڪيو ويو، جن کي هڪ پروگرام تحت 1993 کان 1998 تائين انهن جي صحت جو جائزو ورتو ويو هو ۽ آخر ۾ فيبروري 2017 ۾ انهن سان ٻيهر رابطو ڪيو ويو. ان دوران 31 هزار 5 سئو کان وڌيڪ عورتن جو لاڏاڻو ٿيو، جن مان 9230 دل جي عارضي سبب فوت ٿيون، 8358 ڪينسر سبب فوت ٿيون، جڏهن ته 13 هزار 880 عورتن جي موت جا سبب ٻيا هئا. رپورٽ ۾ انهن جي کاڌي پيتي جي عادتن کي به نوٽ ڪيو ويو ته خبر پئي ته شوق سان فرائيڊ فوڊ کائيندڙ عورتن کي دل جو دورو پوڻ جا امڪان وڌيڪ هئا ۽ ان ئي ڪيفيت ۾ سندس لاڏاڻو ٿيو، سڀ کان وڌيڪ خطرو انهن عورتن ۾ ڏٺو ويو، جيڪي روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو فرائيڊ فوڊ يا فاسٽ فوڊ کائينديون هيون، اهڙي ريت ٻين عورتن جي ڀيٽ جن روزاني بنياد تي هڪ ڀيرو فرائيڊ فوڊ کاڌي، انهن ۾ سڀني سببن سان موت جو خطرو 13 سيڪڙو ۽ دل جي دوري سبب موت جو خطرو 12 سيڪڙو وڌيڪ سامهون آيو. ان ئي مطالعي جي روشني ۾ ماهرن 50 ورهين کان وڌيڪ عمر جي عورتن کي فرائيڊ فوڊ کائڻ کان احتياط ڪرڻ ۽ ان کي محدود ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

The post تَريل کاڌا موت جي مُنهن ۾ وٺي وڃن ٿا… ڇرڪائيندڙ تحقيق سامهون اچي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages