صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌن واري عادت مان جند ڇڏائڻ جو سولو  طريقو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 29, 2019

صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌن واري عادت مان جند ڇڏائڻ جو سولو  طريقو


فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ماڻهو ٿولهه ۽ ٻين بيمارين کان بچڻ لاءِ صحت خراب ڪندڙ کاڌا جهڙوڪ فاسٽ فوڊ، مٺايون ۽ بيڪري جي شين کان پري رهڻ لاءِ لک جتن ڪندا آهن پر نه چاهيندي به اهي کائي وٺندا آهن. پر هاڻي ماهرن دل کي وڻندڙ  پر صحت لاءِ غير مناسب کاڌن کان پري رهڻ جو هڪ سادو نسخو ڳولي ورتو آهي. ٽيمپا ۾ قائم يونيورسٽي آف سائوٿ فلوريڊا جي مارڪيٽنگ واري شعبي ان سلسلي ۾ هڪ دلچسپ تجربو ڪيو آهي. هنن دريافت ڪيو آهي ته غذائي صنعت جا ماهر پنهنجي کاڌن ۾ خاص خوشبو استعال ڪندا آهن جنهن کي اروما چيو ويندو آهي  اروما فوري طور تي اوهان کي اهڙيون شيون کائڻ تي مجبور ڪندو آهي. اهڙي ريت مارڪيٽنگ ۾ به خوشبوئن جو استعمال ڪيو ويندو آهي ان جو هڪ مثال سام سنگ اسٽور تي خاص خوشبو جو استعمال به آهي. اها خوشبو گراهڪن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي آهي ۽ ان سان دماغ کي سڪون پڻ ملندو آهي. يونيورسٽي جي ماهرن انڪشاف ڪيو هي ته اروما کائڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ان لاءِ يونيورسٽي جي ماهرن ڪيئي تجربا ڪيا جنهن ۾ اسٽرابيري ۽ صوف جهڙن فائديمند ميون ۽ پيزا يا مٺائي جهڙي صحت لاءِ خراب کاڌن جي خوشبوئن کي استعمال ڪيو ويو آهي. جڏهن رضاڪارن کي جنڪ فوڊ جي خوشبو 30 سيڪنڊن تائين سنگھائي وئي ته فورن هنن جو ڌيان ان پاسي ڇڪجي ويو ۽ کاڌو کائڻ لڳا پر جيئن ئي رضاڪارن ٻن منٽن تائين انهن کاڌن کي سنگهيو ته صحت لاءِ سٺن کاڌن ڏانهن هنن جو ڌيان وڌي ويو جنهن ۾ ميوا، سبزيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ان تجربي ۾ 9 هزار ٻارن کي ٻُڌائڻ کان سواءِ لڳاتار ٽن ڏينهن تائين کاڌي جي اروما استعمال ڪئي وئي. جڏهن ٻار قطار ۾ کاڌو وٺي رهيا هئا ته هڪ ڏينهن کاڌو وٺڻ وقت ڪا به خوشبو نه سنگھائي وئي. ٻئي ڏينهن پيزا ۽ ٽين ڏينهن خاص نيبولائيزر جهڙي اوزار سان صوف جي خوشبو سنگهائي وئي. پهرين ڏينهن جڏهن صوف جي خوشبو سنگهائي وئي ته 36.96 سيڪڙو صحت کي نقصان پهچائيندڙ کاڌا وڪرو ٿيا. ٻي ڏينهن ڪا به خوشبو نه ڏني وئي ته صحت لاءِ نقصانڪار کاڌا وڪرو ٿيڻ جي شرح 36.54 هئي يعني اهو ٻن ڏينهن ۾ ڪو خاص فرق نه هو. پر ٽين ڏينهن ٻارن ۾ کاڌو وٺڻ يا خريد ڪرڻ وقت ٻن منٽن تائين پيزا جي خوشبو سنگهائي وئي ته گھڻو فرق ڏسڻ ۾ آيو ۽ ايئين صحت لاءِ نقصانڪار کاڌا خريد ڪرڻ جي شرح43.21 سيڪڙو هئي. ماهرن جو خيال آهي ته صحت لاءِ غيرمعياري کاڌي جي خوشبو ٻن منٽن تائين سنگهڻ سان دماغ ۾ ان کي کائڻ جي خواهش گھٽ ٿي ويندي آهي ۽ هو اڳتي هلي ان کي کائڻ کان به روڪيندا آهن. ان ڪري ماهرن جو مشورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن اوهان جي فاسٽ فوڊ کائڻ جي عادت ختم نه ٿي رهي آهي ته ان جي خوشبو سنگهي ان کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

The post صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌن واري عادت مان جند ڇڏائڻ جو سولو  طريقو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages