لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اسيمبلي مان قسم نه کڻڻ خلاف درخواست تي وفاقي، صوبائي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ چوڌري نثار کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري نثار جي اسيمبلي ۾ قسم نه کڻڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته چوڌري نثار سيٽ کٽڻ کانپوءِ اسيمبلي ميمبر طور قسم نه کنيو آهي، پنجاب اسيمبلي ۾ چوڌري نثار جو تڪ نمائندگي کان محروم آهي. درخواستگذار اپيل ڪئي ته چوڌري نثار جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊن جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ چوڌري نثار کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.
The post اسيمبلي ميمبر طور قسم نه کڻڻ تي چوڌري نثار کي نوٽيس، جواب طلب appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment