بوسٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن هڪ اهڙو خاص مٽيريل سان اوزار تيار ڪيو آهي جيڪو وائرليس انٽرنيٽ ۽ ٻيا چڪمڪي شعاع جذب ڪري ان کي بجلي ۾ تبديل ڪري ٿو ان اوزار کي ”ريڪٽينا“ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪري هاڻي واءِ فاءِ سان موبائل چارج ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو. نيچر رسالي جي تحقيقي رپورٽ موجب انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي ( ايم آءِ ٽي ) جا ماهر ٽامس پيلي سيوئس ۽ سندس ساٿين هڪ انتهائي سنهو ۽ انقلابي مٽيريل ٺاهيو آهي جيڪو واءِ فاءِ جي شعاعن کي جذب ڪندو آهي ۽ ان کي بجلي ۾ تبديل ڪندو آهي. اهڙي ريت ميز جي پوشاڪ ۽ پڙدن کي به واءِ فاءِ سان بجلي پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي سگھجي ٿو. ٽامس جو چوڻ آهي ته جلد ئي ننڍن اوزارن لاءِ چارجر جي ضرورت نه پوندي ۽ ميز تي رکيل ڪپڙي جهڙي سينسر سان چڪمڪي شعاعن کي بجلي ۾ ڪنورٽ ڪري سگھبو. تجربي واري هنڌ ان مٽيريل مان 30 کان 40 سيڪڙو فائدي تي 40 مائيڪرو واٽ بجلي حاصل ڪرڻ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو ويو جيڪو ان ٽيڪنالوجي جي فوري استعمال ڏانهن هڪ اهم اشارو آهي. ريڪٽينا ڪومولبڊينم ڊاءِ سلفائيڊ جي مان ٺاهيو ويو آهي ۽ ان کي وڏين ۽ لچڪدار شيٽن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. مستقبل ۾ اسان جو گھر ننڍن اوزارن ۽ سينسر سان ڀريل هوندا جنهن کي هلائڻ لاءِ مسلسل توانائي جي ضرورت پوندي. ان کي ٺاهي اهڙي نظامن جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي جيڪا ماحول مان توانائي حاصل ڪري بجلي ٺاهي سگھي.
The post واءِ فاءِ سگنل کي بجلي ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment