نئون پاڪستان نوان ۽ پراڻا ماڻهو گڏجي ٺاهيندا: جهانگير ترين - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

نئون پاڪستان نوان ۽ پراڻا ماڻهو گڏجي ٺاهيندا: جهانگير ترين


Khairpur: Due to the negligence of municipal committee, the city was shatteredملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته نئون پاڪستان نوان ۽ پراڻا ماڻهو گڏجي ٺاهيندا زرتاج گل اهڙو ڪم ڪيو جيڪو چيو ويندو هو ته ڪو به نٿو ڪري سگھي. تفصيلن موجب ملتان جي بيت المال آفيس جي تقريب سان خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته عرصي کان ڏکڻ پنجاب جي محرومين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، لاهور جو تخت هڪ مظبوط ۽ گھري پاڙن واري شيءِ هئي.هن چيو ته گذريل حڪومت ڏکڻ پنجاب جي آفيس شملا پهاڙي ٺاهي ماڻهن جو حق ماريو، اڃ جيڪو ڪجهه هن حڪومت سان ٿي رهيو آهي اهو بلڪل ٺيڪ ناهي، ڏکڻ پنجاب صوبو ته ضرور ٺهندو، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو فيصلو جلدي ڪرڻو پوندو. نئون پاڪستان نوان ۽ پراڻا ماڻهو گڏجي ٺاهيندا، زرتاج گل اهڙو ڪم ڪيو جيڪو چيو ويندو هو ته ڪو به نٿو ڪري سگھي.بيت المال کي وڌيڪ سپورٽ ڪنداسين، سڀني وفاقي ادارن جا سربراهه به عون عباس جهڙي سوچ رکن.

The post نئون پاڪستان نوان ۽ پراڻا ماڻهو گڏجي ٺاهيندا: جهانگير ترين appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages