ساهيوال سانحو: مقتولن جي وارثن جي حياتي کي خطرو،حڪومت کان سيڪيورٽي گهري ورتي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

ساهيوال سانحو: مقتولن جي وارثن جي حياتي کي خطرو،حڪومت کان سيڪيورٽي گهري ورتي


لاهور( ويب ڊيسڪ ) ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل خليل جي وارثن حڪومت کان سيڪيورٽي گهرندي الزام مڙهيو آهي ته سي ٽي ڊي ان معاملي کي الجهائي رهي آهي ۽ پٽي ڀائين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل خليل جي وارثن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سندن وڪيل شهباز بخاري چيو ته سي ٽي ڊي ڊپارٽمينٽ پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، خليل جي  خاندان کي ڌمڪيون مليون آهن تنهنڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سي ٽي ڊي جي اعليٰ آفيسرن مون کي به فون ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.ان موقعي تي شهباز بخاري 7 منٽن جي ڪال رڪارڊنگ به ٻڌرائي جنهن ۾ چيو ويو ته اوهان مان جج خوش ناهن، اوهان ڪيس تان هٽي وڃو.

The post ساهيوال سانحو: مقتولن جي وارثن جي حياتي کي خطرو،حڪومت کان سيڪيورٽي گهري ورتي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages