ميران شاهه بازار ۾ رڳو حقدارن کي ئي دڪان ملندا : ڊي جي آءِ ايس پي آر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

ميران شاهه بازار ۾ رڳو حقدارن کي ئي دڪان ملندا : ڊي جي آءِ ايس پي آر


اتروزيرستان  (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل  ميجر جنرل آصف غفور مقامي واپارين کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي آهي ميران شاهه بازار ۾ رڳو انهن ماڻهن کي دڪان ملندا، جيڪي انهن جا حقدار آهن. صحافين سان گڏ اتر وزيرستان جي تعلقي ميران شاهه جي دوري جي موقعي تي مقامي شهرين ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور کي وڪوڙي ويا ۽ کيس پنهنن خدشن کان  آگاهه ڪيو. هڪ مقامي واپاري ميجر جنرل آصف غفور کان سوال ڪيو ته ٽي مهينا اڳ ڪيل دوري دوران اوهان چيو هو ته جيڪڏهن ملڪيت جي تصديق ڪرايو ته مالڪن کي دڪان فراهم ڪيا ويندا، جنهن بعد 13 پوليٽيڪل محررون، ميران شاهه بازار جي ايگزيڪٽو ڪميٽي ۽ مالڪن گڏجي ڪري 15 بلاڪ جوڙيا ۽ 7 هزار دڪانن جي تصديق ڪرائي، پر هاڻي سول ايڊمنسٽريشن پاران مالڪن کي چيو پيو وڃي  ته دڪانن جي ٻيهر تصديق ڪرائي وڃي. جنهن تي ڊي جي آءِ ايس پي آر کين خاطري ڪرائي ته هن جي ايندڙ دوري کان اڳ دڪان مالڪن وٽ هوندا. ڄاڻايل واپاري وڌيڪ چيو ته هنن ڏيڍ مهينو اڳ فهرستن جي تصديق لاءِ اسلام آباد ۾ جمع ڪرايا ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ڪوڙي ڊيٽا نه هجي ۽ حقدار کي ئي دڪان ملن پر پوءِ به روز روز ڪوڙي ڊيٽا سامهون اچي رهي آهي.جنهن تي جنرل آصف غفور جواب ڏيندي چيو ته ان فهرستن جي جاچ ٿيندي، ڇو جو ڪوڙي دعويٰ ڪندڙن کي دڪان نه ملن  ۽ جنهن جو حق آهي، ان کي ئي دڪان ملن.

The post ميران شاهه بازار ۾ رڳو حقدارن کي ئي دڪان ملندا : ڊي جي آءِ ايس پي آر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages