اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ پاڪستان بيت المال گڏيل طور تي معذور ماڻهن کي 25 مفت مدد وارا اوزار فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان بيت المال جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عون عباس جو چوڻ هو ته اسان پائلٽ پراجيڪٽ جيان ملڪ جي 12 ضلعن ۾ ان جي شروعات ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار ماڻهن کي اهي اوزار فراهم ڪيا ويندا، پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي ضروري عملن باوجود ان پائلٽ پراجيڪٽ کي هلندڙ سال مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 25 کان وڌيڪ ضروري اوزار شروعاتي مرحلي ۾ فراهم ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ هر صوبي جي ٻن ضلعن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ دائرو وڌايو ويندو. عون عباس موجب اوزارن لاءِ رقم جي فراهمي مسئلو ناهي، ڇو ته ڪيتريون ئي شيون گهٽ قيمت ۾ ملي رهيون آهن، اصل مسئلو پي پي آر اي جا قانون آهن.
The post پاڪستان بيت المال معذور ماڻهن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment