چيني ٻوٽي مان حاصل ڪيل مرڪب سان ڪينسر جو اعلاج - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

چيني ٻوٽي مان حاصل ڪيل مرڪب سان ڪينسر جو اعلاج


نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين  تحقيق مان انڪشاف ٿيو آهي ته چين ۾ صنوبر جي وڻ مان هڪ مرڪب حاصل ڪيو ويو آهي جيڪو ڪيترن قسمن جي ڪينسر ۾ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو. ان وڻ کي انگريزي ۾fir چيو ويندو آهي جنهن مان حاصل ٿيندڙ هڪ مرڪب ٻين دوائن سان گڏ استعمال ڪرڻ سان ڪينسر ۾ گھٽتائي ٿي سگھي ٿي. آمريڪا ۾ پورڊيو يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر منگجي ڊائي چيني صنوبر جي وڻ Abies beshanzuensis ۾ ڪمپائونڊ 29 نالي مرڪب دريافت ڪيو آهي.ڪمپائونڊ 29 هڪ پروٽين SHp2 کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. اهو اينزائم ڇاتي، وات، گيسٽرڪ، جيرو، ڦڦڙن، ليوڪيميا ۽ ٻين قسمن جي سرطان ۾ فائيديمند ثابت ٿي سگھي ٿو. هڪ عرصي کان دوائون ٺاهيندڙ اداري ايس ايڇ پي ٽو کي هدف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ان کي قابو ڪري سرطان کي ختم ڪري سگھجي ٿو.هاڻي ڊاڪٽرن هڪ نئون ڪمپائونڊ ٺاهيو آهي جنهن کي ڪمپائونڊ 30 جو نالو ڏنو ويو آهي اهو ايس ايڇ پي ٽو پروٽين سان ڇنبڙي ويندو آهي ۽ ان سان مضبوط (بونڊ) ٺاهيندو آهي.ڪمپائونڊ 30 جڏهن ايس ايڇ پي ٽو سان چنبڙندو آهي ته اهو وڌيڪ ايس ايڇ پي ٽو پروٽين کي ڇڪيندو آهي پر ان کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ لاءِ ان کي ٻين دوائن سان گڏ استعمال ڪرڻ ضروري آهي.

The post چيني ٻوٽي مان حاصل ڪيل مرڪب سان ڪينسر جو اعلاج appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages