ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار فهد مصطفيٰ شوبز ۾ بيهودگي، اوگھڙ ۽ جنسي موضوعن خلاف ڳالهائي ورتو.فهد مصطفيٰ اڃ ڪالهه ٽيلي ويزن تي ڏيکاري ويندڙ جنسي موضوعن خلاف ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽوئٽر تي انڊسٽري جي حوالي سان سچائي بيان ڪندي چيو ته بيهودا زبان، اڻ وڻندڙ زبان ۽ رڳو سيڪس بابت ڳالهيون ڪرڻ ڪنهن به طور تي موضوع ۾ شامل ناهي هوندو، اها اظهار جي آزادي ناهي. فهد مصطفيٰ چيو ته فنڪار پاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪي سٺو عمل نه آهي، ويب سيريسز ۽ ننڍن فلمن کي ٿور باوقار بڻائڻو پوندو نه ته ان کي “پورن” جي نالي سان سڏيو ويندو.
The post فهد مصطفيٰ شوبز ۾ جسني موضوعن خلاف ڳالهائي ورتو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment