سرفراز احمد جو ڇا ڪجي؟… وسيم اڪرم بورڊ کي صلاح ڏئي ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

سرفراز احمد جو ڇا ڪجي؟… وسيم اڪرم بورڊ کي صلاح ڏئي ڇڏي


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي ميمبر وسيم اڪرم سرفراز احمد کي ئي ڪپتان برقرار رکڻ جي صلاح ڏني آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته سرفراز احمد کان غلطي ٿي، جنهن جي کيس سزا ملي وئي، سرفراز جي غلطيءَ کي سڄي دنيا ۾ اسان پاڻ اجاڳر ڪيو، سوشل ميڊيا تي سرفراز جا جملا ورجايا ويا، مٿس پابندي تي ڪجهه ماڻهو خوش آهن. هن چيو ته اسان کي شارٽ نه پر لانگ ٽرم ڪپتان گهرجي، شعيب ملڪ ورلڊ ڪپ کانپوءِ نه رهندو، سرفراز کي ئي ڪپتان برقرار رکڻ گهرجي، ڇو ته مٿان ورلڊ ڪپ آهي، ان سان گڏوگڏ پي سي بي کي ٽيم جو نائب ڪپتان به مقرر ڪرڻ گهرجي.

The post سرفراز احمد جو ڇا ڪجي؟… وسيم اڪرم بورڊ کي صلاح ڏئي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages