ساهيوال واقعو: پوسٽ مارٽم ۽ ميڊيڪل رپورٽ پوليس جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 28, 2019

ساهيوال واقعو: پوسٽ مارٽم ۽ ميڊيڪل رپورٽ پوليس جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ساهيوال سانحي ۾ ماريل ماڻهن جي پوسٽ مارٽم ۽ زخمين جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف ٿيا آهن، جنهن سڄي واقعي ۾ پوليس جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون آهن. ميڊيا کي وصول ٿيل مقتولن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ساهيوال سانحي ۾ زخمي ٿيل 6 ورهين جي منيبا کي هٿ ۾ شيشو نه پر گولي لڳي، جيڪا سندس ساڄي هٿ ۾ سامهون کان لڳي ۽ پار ٿي وئي. زخمي ٻارن جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته واقعي ۾ عمير کي لڳندڙ گولي ساڄي ران کي چيريندي ٻئي پاسي کان نڪري وئي. رپورٽ موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل 13 ورهين جي اريبا کي 6 گوليون لڳيون، سندس ڇاتيءَ کان ساڄي پاسي پُٺ تائين 9 سينٽي ميٽر جي ايريا ۾ 4 گوليون لڳيون، جڏهن ته هڪ گولي پيٽ جي وچ ۾ ۽ هڪ ڄنگهه ۾ لڳي. رپورٽ ۾ سامهون آيو آهي ته اريبا کي ايڏي ويجهو کان گوليون هنيون ويون جو ان جي جلد سڙي پئي ۽ گوليون لڳڻ سان اريبا جون پاسيريون به ڀَڄي پيون. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ٻارن جي ماءُ نبيلا کي 4 گوليون لڳيون، کيس مٿي ۾ لڳل گولي آرپار ٿي وئي ۽ سندس ميڄالو ٻاهر نڪري آيو. رپورٽ موجب مقتول محمد خليل کي 11 گوليون لڳيون، جن مان هڪ کيس مٿي ۾ لڳي، جڏهن ته خليل کي ساڄي هٿ ڀرسان به گولي لڳي، جنهن سان سندس جلد سڙي پئي. ڪار ڊرائيور ذيشان کي 13 گوليون لڳيون، مٿي ۾ لڳل گولي سبب هڏيون ٻاهر اچي ويون ۽ کيس ڪنڌ تي ساڄي پاسي کان لڳل گولي واري هنڌ اک جهڙو زخم ٿي ويو، باقي گوليون جسم جي ٻين حصن تي لڳيون.

The post ساهيوال واقعو: پوسٽ مارٽم ۽ ميڊيڪل رپورٽ پوليس جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages