سيف الله نيازي پي ٽي آءِ جو چيف آرگنائيزر مقرر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, March 13, 2019

سيف الله نيازي پي ٽي آءِ جو چيف آرگنائيزر مقرر


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سيف الله نيازي کي پارٽي جو چيف آرگنائيزر مقرر ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف طرفان سيف الله نيازي کي مقرر ڪرڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نئيون چيف آرگنائيزر چئني صوبن ۾ پارٽي کي منظم ڪندو. سيف الله نيازي آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ به پارٽي جي تنظيم جا فرض انجام ڏيندو. پاليسي سازي، آئيني جوڙجڪ ۽ قومي ۽ مقامي چونڊن لاءِ پارٽي جي تيارين جي زميواري به سيف الله نيازي کي ڏني وئي آهي. سموري ملڪ ۾ سڀني تنظيمي عهديدار چيف آرگنائيزر کان هدايتون وٺڻ ۽ جواب ڏيڻ جا پابند هوندا. سيف الله نيازي وزيراعظم سان خاص ملاقات به ڪئي آهي. وزيراعظم سيف الله نيازي جي صلاحتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته سيف الله نيازي تحريڪ انصاف جو سينيئر ميمبر آهي منهنجون دعائون ۽ نيڪ خواهشون نئين چيف آرگنائيزر سان گڏ آهن. سيف الله نيازي جو چوڻ هو ته آئون چيئرمين تحريڪ انصاف جو ٿورائتو آهيان ۽ چيئرمين جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. سيف الله نيازي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ويجهن ساٿين مان آهي ۽ اسلام آباد ڌرڻي لاءِ پي ٽي آءِ جي انتظامي ڪاميٽي جو سربراهه به رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي نئين چيف آرگنائيزر 2018ع ۾ پارٽي پاليسين سان اختلافن سبب ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. سيف الله نيازي 2018ع ۾ پارٽي جو ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پڻ  رهيو آهي.

The post سيف الله نيازي پي ٽي آءِ جو چيف آرگنائيزر مقرر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages