پاڪستاني فلم “رانگ نمبر 2” جي شوٽنگ مڪمل، مشهوري مهم جي جاري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, March 13, 2019

پاڪستاني فلم “رانگ نمبر 2” جي شوٽنگ مڪمل، مشهوري مهم جي جاري


لاهور (ويب ڊيسڪ) هدايتڪار ياسر نواز جي ڪاميڊي، رومانس ۽ ڊرامي سان ڀرپور لالي ووڊ جي نئين فلم “رانگ نمبر 2” جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد ان جي مشوري مهم جي باقاعدا شروعات ٿي وئي فلم عيدالفطر جي موقعي تي سينيما گهرن زينت بڻجندي. پروڊيوسر حسن ضياءَ ۽ ورسٽائل فنڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل فلم “رانگ نمبر” 2017ع ۾ ريليز ٿي  سپر هٽ فلم “رانگ نمبر” جو سيڪوئل آهي جنهن کي پروڊڪشن ٽيم جاويد شيخ، ثنا، شفقت چيما، محمود اسلم، دانش نواز سميت ٻين فنڪارن جي شموليت سان وڌيڪ دلچسپ بڻايو ويو آهي، جڏهن ته فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ سميع خان ۽ نيلم منير جي جوڙي کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. فلم جي شوٽنگ لاهور، ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن جي خوبصورت لوڪيشنن تي مڪمل ڪئي وئي آهي جڏهن ته ميوزڪ رائٽس بعد سيٽلائٽ رائٽس به ريڪارڊ قيمت تي فائنل ڪيا پيا وڃن. تجزيانگارن موجب “رانگ نمبر2” عيدالفطر تي پاڪستاني فلمي صنعت جي سڀ کان اهم فلم آهي جيڪا ڏسندڙن کي معياري تفريح فراهم ڪرڻ سان گڏ سينيما انڊسٽري جي ڏکيائين ۾ گھٽتائي جو سبب بڻجندي. “رانگ نمبر 2” کي پاڪستاني سينيمائن ۾ عيدالفطر جي موقعي تي ڊسٽري بيوشن ڪلب جي پليٽ فارم تان ريليز ڪيو ويندو.

The post پاڪستاني فلم “رانگ نمبر 2” جي شوٽنگ مڪمل، مشهوري مهم جي جاري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages