پي ايس ايل فائنل: پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪاميابي لاءِ 139 رنسن جو هدف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

پي ايس ايل فائنل: پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪاميابي لاءِ 139 رنسن جو هدف


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ فور جي فائنل ۾ پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي ڪاميابيءَ لاءِ 139 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي پشاور جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 138 رنسون ٺاهي سگهي. عمر امين 38 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ٻين رانديگرن ۾ ڪامران اڪمل 21، صهيب مقصود 20، ڪپتان ڊيرن سيمي 18، وهاب رياض 12، نبي گل 9، ڪيرون پولارڊ 7 ۽ امام الحق 3 رنسون ٺاهيون. ڪوئيٽا طرفان محمد حسنين بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته ڊوائن براوو 2، محمد نواز ۽ فواد احمد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

The post پي ايس ايل فائنل: پشاور جو ڪوئيٽا کي ڪاميابي لاءِ 139 رنسن جو هدف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages