ڪراچي (شوبز نيوز) هانيا عامر ۽ عاصم اظهر جي گڏ اسٽاگرام پوسٽس ۽ فيشن پاڪستان ويڪ ۾ گڏ جلوا ڏيکارڻ کانپوءِ سندن باري ۾ افواهن کي نظرانداز ڪرڻ ڏکيو هو ۽ ماڻهو سندن لاڳاپن جي حقيقت ڄاڻڻ جا خواهشمند هئا. هاڻ پهريون ڀيرو راڳي عاصم اظهر هانيا عامر سان تعلق جي حوالي سان هڪ انٽرويو دوران ڳالهايو. جڏهن انٽرويو دوران ان کان هانيا سان تعلق جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ڇا توهان ڏسي سگهون ٿا ته منهنجي دل ڪيتري تيزي سان ڌڙڪي رهي آهي؟. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو خيال ناهي هتي مان ان پوزيشن ۾ آهيان ته ان جو جواب ڏئي سگهان، مون کي لڳي ٿو ته هوءَ هڪ اهڙي شخصيت آهيم جيڪا منهنجي زندگي ۾ تمام گهڻيون مثبت شيون کڻي آئي، جڏهن هوءَ گڏ هوندي آهي ته زندگي تمام سٺي هوندي آهي، اسان سدائين کلندا آهيون اهو تمام سٺو لڳندو آهي ته ڪو اهڙو هجي، جيڪو اوهان جي هر ڪم تي حقيقي سهڪار ڪري. عاصم اظهر ان تصور کي رد ڪري ڇڏيو ته هو سماجي دٻاءَ سبب واضح جواب نه پيو ڏئي. هن جو چوڻ هو ته ان جو واحد سبب بس اهو آهي ته مان ان جو احترام ڪريان ٿو، ها يا نه لاءِ ان جو راضپو چاهيان ٿو، مان پنهنجي طرفان ڪجهه نه ٿو چوڻ چاهيان، ڇو ته ٻيو ڇا ٿو سوچي مون کي خبر ناهي.
The post عاصم اظهر جو هانيا عامر سان لاڳاپن تي مُنجهائيندڙ جواب appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment