لاهور ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ آف شور ڪمپني ڪمپني ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ عليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ آف شور ڪمپني ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان کي 15 ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي احتساب عدالت جي جج نجم الحسن جي روبرو پيش ڪيو. عدالت ٻڌڻي جي شروعات تي نيب پراسيڪيوٽر وارث جنجوعا کان پڇاڻو ڪيو ته ريفرنس ڪڏهن فائل ڪيو ويندو جنهن تي هن جواب ڏنو ته آخري رپورٽ جلد تيار ڪئي ويندي. عليم خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عدالت حڪم ڏي ته ريفرنس جلد فائل ڪيو وڃي. نيب جي وڪيل وارث جنجوعا چيو ته ڪيس جو ريفرنس به جلد ئي مڪمل ڪري پيش ڪيو ويندو. عدالت عليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي تحريڪ انصاف اڳواڻ کي 2 اپريل تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
The post پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment