ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي ڊريم ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ اي بي ڊي وليئرز کي ٽيم جو ڪپتان چونڊيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مدثر نذر، رميز راجا ۽ ڊيني موريسن تي ٻڌل سليڪشن پئنل پي ايس ايل جي ٻارنهن رڪني ڊريم جو ٽيم جي چونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ شين واٽسن، ڪامران اڪمل، بابر اعظم، اي بي ڊي وليئرز، ڪولن انگرام، آصف علي، ڪيرن پولارڊ، فهيم اشرف، حسن علي، وهاب رياض، عمر اڪمل ۽ سنديپ ليمي چني شامل آهن. سليڪشن پئنل جي سربراهه مدثر نذر موجب پي ايس ايل ۾ تمام زبردست پرفارمنسز ڏسڻ لاءِ مليون، انهن مان رڳو 12 رانديگرن جي چونڊ ڪرڻ تمام ڏکيو ٽاسڪ هو، اسان اهڙي ٽيم جي چونڊ ڪئي آهي جيڪا هر لحاظ کان متوازن آهي.
The post پي ايس ايل فورجي ڊريم ٽيم جو اعلان، اي بي ڊي وليئرز ڪپتان مقرر appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment