آءِ ايس پي آر 23 مارچ پريڊ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا……. - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, March 13, 2019

آءِ ايس پي آر 23 مارچ پريڊ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا…….


راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر  جو چوڻ آهي ته ملائيشيا جو وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد 23 مارچ تي پريڊ جو اعزازي مهمان هوندو.  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور  23 مارچ ( پاڪستان جو ڏهاڙو ) پريڊ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا جنهن موجب ملائيشيا جو وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد 23 مارچ تي ٿيندڙ پريڊ جو اعزازي مهمان هوندو جڏهن ته آذربائيجان جو بچاءُ وارو وزير، بحرين جو آرمي چيف، عمان جا سرڪاري نمائندا به شرڪت ڪندا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آذربائيجان، بحرين، چين، سعودي عرب، ترڪي ۽ سريلنڪا پريڊ جو حصو هوندا، پريڊ ۾ آذربائيجان، سعودي عرب جا فوجي دستا شرڪت ڪندا ۽ آذربائيجان، بحرين، سعودي عرب، سريلنڪا جا پيرا ٽروپرز به پاڪستان ڏهاڙي تي شرڪت ڪندا جڏهن ته ترڪي ۽ چين جا جهاز يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ حصو وٺندا.

The post آءِ ايس پي آر 23 مارچ پريڊ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا……. appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages