اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) مشهور ڪينيڊين راڳي جسٽن بيبر ڊپريشن ۾ شديد مبتلا هجڻ سبب مداحن کان دعائن جي درخواست ڪري ڇڏي. راڳي جسٽن بيبر سماجي رابطن جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي جيڪا هڪ ڪنسرٽ دوران ورتل آهي جنهن ۾ هن کي ڪجهه ماڻهو طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪري رهيا آهن.جسٽن بيبر تصوير سان گڏ هن مداحن کي پنهنجي بيماري بابت ٻڌائيندي چيو ته “آئون جنهن ڪيفيت مان گذري رهيو آهيان ان کان توهان کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن کان توهان آگاهه رهندو” سخت جدوجهد باوجود آئون پاڻ کي دنيا کان ڪٽجڻ واري عجيب احساس جو شڪار آهيان. جسٽن بيبر چيو ته آئون هميشه لاءِ (ان ڪيفيت) کان ٻاهر اچڻ چاهيان ٿو ان ڪري پريشان نه آهيان پر توهان سڀني کان دعا جي درخواست آهي، خدا مهربان آهي ۽ توهان جي دعائن به اثر ڪيو آهي جنهن ڪري توهان جو ٿورائتو آهيان.
The post ڊپريشن جو شڪار جسٽس بيبر جي مداحن کان دعائن جي درخواست appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment