رمضان شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

رمضان شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي


لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز خلاف رمضان شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانا هائوسنگ ۽ رمضان شگر ملز ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز ڊيوٽي جج جواد احسن جي روبرو پيش ٿيا. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي رمضان شگر ملز ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، پوءِ احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

The post رمضان شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages