لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاريندڙ 72 لک خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏئي رهيا آهيون، اميد ته صحت ڪارڊ سان غريبن کي علاج جون سهولتون ملنديون ۽ انهن جو ڏکيائيون گهٽجنديون. صحافين سان ڳالهائيندي ياسمين راشد چيو ته اسان 8 هزار نوان ڊاڪٽر ميرٽ تي ڀرتي ڪيا، گذريل 6 کان 7 سالن دوران ڪو پروموشن نه ٿيو هو اسان اهو ڪم ڪيو، ڊاڪٽرن جي پگهار 30 کان 35 سيڪڙو وڌائي. هن چيو ته صحت کاتو بهتر ڪم ڪري رهيو آهي، 26 سئو نرسن جي ريڪروپمينٽ مڪمل ٿي، جڏهن ته وڌيڪ ڪم جاري آهي. سندس چوڻ هو ته اسپتال ڀلي سنگ مرمر جي ٺاهيو پر ڊاڪٽر نه هوندا ته ڪير نه ويندو، اسپتال جهڙي به هجي پر ڊاڪٽر موجود هوندا ته سڀ ويندا. ياسمين راشد چيو ته اسان وٽ گهڻي قدر دانهون رويي جون اينديون آهن، ڊاڪٽر جي ذميواري هوندي آهي ته مريضن جي عزت ۽ علاج ڪري.
The post 72 لک غريب خاندانن کي صحت ڪارڊ ڏئي رهيا آهيون: ياسمين راشد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment