پنجاب جي ٽيچنگ اسپتالن ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, March 13, 2019

پنجاب جي ٽيچنگ اسپتالن ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت ٽيجنگ اسپتالن ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صوبي ۾ موجود سمورن ٽراما سينٽرن کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  تفصيل موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽراما سينٽرن جي قيام ۽ ايئر ايمبولنس بابت  سفارشن جو جائزو ورتو ويو.  اجلاس ۾ پنجاب حڪومت ٽيچنگ اسپتالن ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ مرحليوار پروگرام تحت ٽراما سينٽر قائم ڪيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ ٽيچنگ اسپتالن ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪيا ويندا. پنجاب جي وڏي وزير پنجاب ۾ موجود سمورن ٽراما سينٽرن کي فعال ڪرڻ ۽ موٽروي ايم ون ۽ ٽو تي ٽراما سينٽرن جي قيام جي جائزو وٺي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

The post پنجاب جي ٽيچنگ اسپتالن ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages