لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هميشه پنهنجو علاج شوڪت خانم اسپتال مان ڪرايو آهي، سندس والد جو علاج به شوڪت خانم اسپتال مان ٿيو، شريف ڀائرن 30 سالن ۾ ڪابه اهڙي اسپتال نه ٺاهي جنهن مان سندن علاج ٿي سگهي. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽويٽر تي بيان ۾ عثمان بوزدار چيو ته ڇا حڪومت نواز شريف کي من پسند هنڌ تي علاج جي آڇ نه ڪئي آهي؟ هن چيو ته نواز شريف کي پنهنجي ڀاءُ طرفان ٺاهيل اسپتال تي اعتبار ناهي ڇا، ڇا نواز شريف کي پنهنجي ذاتي ٻن اسپتالن تي اعتباد ناهي. سندس چوڻ هو ته ڇا نواز شريف رڳو ضمانت لاءِ اسپتال نه وڃڻ لاءِ دٻاءُ نه وجهي رهيو آهي، ڇا شريف ميڊيڪل سٽي ۽ اتفاق اسپتال به ناقص آهن. عثمان بوزدار چيو ته وزيراعظم عمران خان هميسه پنهنجو علاج شوڪت خانم اسپتال مان ڪرايو آهي، سندس والد جو علاج به شوڪت خانم اسپتال مان ٿيو آهي پر شريف ڀائر 30 سالن ۾ اهڙي اسپتال نه ٺاهي سگهيا جنهن مان سندس علاج ٿي سگهي؟
The post شريف ڀائرن 30 سالن ۾ اهڙي اسپتال نه ٺاهي سگهيا جنهن ۾ سندن علاج ٿي سگهي: عثمان بوزدار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment