ڪوئٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڊيرا مراد جمالي ويجهو جعفر ايڪپريس ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 مسافر مارجي ويا، جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا. ڊيرا مراد جمالي ريلوي اسٽيشن ويجهو ربيع ڪئنال وٽ دهشتگردن ريلوي پٽڙي سان بارودي مواد لڳائي رکيو هو، دهشتگردي بارودي مواد کي ريموٽ ڪنٽرول جي مدد سان تنهن وقت تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن راولپنڊي کان ڪوئٽا ويندڙ ٽرين جعفر ايڪسپريس اتان گذري. ڌماڪو ايتري قدر شديد هو جو ٽرين جون 7 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ۽ ٽريڪ جي 400 فوٽ حصي کي نقصان پهتو. بوگيون اونڌيون ٿيڻ سان ٽرين ۾ سوار 15 مسافر زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.اسپتال اختيارين چار مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته 8 زخمي اڃا علاج هيٺ آهن. ٻئي طرف ريلوي پٽڙي تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي ۽ مسافرن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت خانگي گاڏين ذريعي ڪوئٽا روانا ٿي ويا.
The post ڊيرا مراد جمالي ويجهو پٽڙي تي ڌماڪو، 4 مسافر مارجي ويا، 8 زخمي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment