اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت اوڀر جي سرحد تي موجود خطرن ۽ افغانستان مان دهشتگردن هي مداخلت روڪڻ بابت هٿياربند فوج ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ايندڙ مالي سال 2020، 2019ع جي بجيٽ ۾ 43 ڏهائي 7 ارب رپين جي فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ ڪل فنڊن مان 32 ڏهائي 5 ارب رپيه غير ترقياتي خرچن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 11 ڏهائي 24 بلين ترقياتي معاملن تي خرچ ڪيا ويندا. ذريعن موجب هلندڙ مالي سال لاءِ مخصوص فنڊ ۾ 2 ڏهائي 81 ارب پي ايس ڊي پي تي خرچ ٿيا جڏهن ته 8 ڏهائي 84 بلين رپيه غير ترقياتي خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. گهرو وزارت موجب هٿياربند فوج ۽ ٻيا سول سڪيورٽي ادارا 15 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مصروف آهن، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن رد الفساد ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.
The post اولهه جي سرحد تي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ 43 ڏهائي 7 ارب رپيه مخصوص appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment