پي ايس ايل جو آخري دنگل، ڪرڪيٽ شوقينن طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڏين اسڪرينن جو انتظام - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

پي ايس ايل جو آخري دنگل، ڪرڪيٽ شوقينن طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڏين اسڪرينن جو انتظام


ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن جو فائينل اڄ پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾  کيڏيو ويندو. فائينل مقابلي لاءِ  ڪرڪيٽ شوقين پرجوش آهن ۽ ان جوش ۾ وڌيڪ وڌائڻ لاءِ ڪرڪيٽ مداحن طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڏين اسڪرينن تي ميچ ڏسڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن.  گليڊي ايٽرز ۽ زلمي وچ ۾ پي ايس ايل جو فائينل اڄ رات اٺين وڳي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندو ان کان اڳ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ  تياريون پڻ ڪيون پيون وڃن.  ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ وڏيون اسڪرينون هنيون ويون آهن جتي شوقين اڄ ٿيندڙ فائينل ميچ ۾ پنهنجي، پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪندا.  ڪراچي جي وڏي شاپنگ مالن سميت سوسائيٽين ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ وڏي اسڪرين تي فائينل ڏٺو ويندو. سنڌ جي راڄڌاني واري شهر علائقي ڊيفنس ۾ قائم ايس ڪي بي زيڊ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم  ۾ به مداحن سڌو سنئون ميچ ڏسڻ جو انتظام ڪيو آهي ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتظاميا طرفان به دعوت ڏني وئي آهي هو اچي ميچ مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا.  پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي ضلعي انتظاميا موجب پي ايس ايل جو فائنل وڏي اسڪرين تي ڏيکارڻ لاءِ گريٽر اقبال پارڪ، گلشن اقبال ۽ جيلاني پارڪ ۾ انتظام ڪيا ويا آهن.

The post پي ايس ايل جو آخري دنگل، ڪرڪيٽ شوقينن طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڏين اسڪرينن جو انتظام appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages