پرڏيهي آفيس نيوزلينڊ ۾ گم ٿيل 9 پاڪستانين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

پرڏيهي آفيس نيوزلينڊ ۾ گم ٿيل 9 پاڪستانين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )پرڏيهي آفيس ڪرائسٽ چرچ ۾ دهشتگرد حملي بعد گم ٿيل پاڪستانين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن تحت واقعي بعد 9 پاڪستاني اڃا گم آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ دهشتگردي دوران 9 پاڪستاني گم ٿيا، جنهن ۾ ذيشان رضا ۽ سندس والد، امڙ، هارون محمود، سهيل شاهد، سيد اريب احمد، سيد جهانداد علي، نعيم راشد ۽ طلحه نعيم شامل آهن. ترجمان موجب نيوزيلينڊ ۾ اسان جو سفارتي مشن وڌيڪ تفصيل وٺي رهيو آهي.  ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي واقعي ۾ هڪ زخمي پاڪستاني شهري جي سڃاڻپ محمد امين جي نالي سان ٿي آهي جيڪو حافظ آباد جو رهائشي آهي جڏهن ته محمد امين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آءِ سي يو ۾ آهي.

The post پرڏيهي آفيس نيوزلينڊ ۾ گم ٿيل 9 پاڪستانين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages