ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپين جي قومي فٽبال ٽيم ۽ مشهور ڪلب ايف سي بارسلونا جو ليجنڊري فٽبالر ڪارلوس پيول ڪراچي پهچي ويو. هسپانوي رانديگر ۽ بارسلونا جو اڳوڻو ڪپتان ڪارلس پيول ڪراچي پهچي ويو آهي، اسٽار فٽبالر ڪراچي ۾ ورلڊ ساڪر اسٽارز جي ميچن جو پروموشن ڪندو. اسپين جو ليجنڊري فٽبالر اڄ شام ڪراچي جي خانگي شاپنگ مال ۾ مداحن سان ملاقات ۽ ٽڪيٽون وڪرو ڪندو. ڪارلوس پيول پاڪستان جي دوري جي حوالي سان چار ڏينهن اڳ پنهنجو هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪيو هو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ توهان سڀني کي ڏسڻ لاءِ پرعزم ۽ پاڪستاني مداحن سان ملاقات لاءِ پرجوش آهيان. اسٽار فٽبالر جو چوڻ هو ته ورلڊ سوڪر اسٽار فٽبال ٿيڻ جشن ملهائڻ جو شاندار موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ فٽبال ٻين اڀرندڙ راند آهي. واضح رهي ته ورلڊ سوڪر اسٽار ايونٽ تحت ڪراچي ۾ ٻه ميچون 27 ۽ 28 اپريل تي کيڏيون وينديون جنهن ۾ فٽبال جي دنيا جا ناليوارا رانديگر به پنهنجي راند جو مظاهرو ڪندا. ميچن دوران مشهور آمريڪي راڳي ايڪون جو ميوزيڪل پروگرام به ڪيو ويندو، هن به پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
The post اسپين جو ليجنڊري فٽبالر ڪارلوس پيول ڪراچي پهچي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment