استور ۾ آمريڪي شهري پئسن عيوض مارخور جو شڪار ڪري ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

استور ۾ آمريڪي شهري پئسن عيوض مارخور جو شڪار ڪري ورتو


استور (ويب ڊيسڪ) استور ۾ آمريڪي شهري مسٽر جِم 90 هزار آمريڪي ڊالرن عيوض هڪ مارخور جو شڪار ڪيو. ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري آصف الله خان موجب هن سيزن جو اهو آخري شڪار هو، ان سلسلي ۾ اڳ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ ٽن مارخورن جا شڪار ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته جوٽيال گلگت ۾ هڪ لک 10 هزار ڊالر، بونجهي استور ۾ هڪ لک ڊالر، جڏهن ته حراموش گلگت ۾ هڪ لک 5 هزار ڊالرن ۾ شڪار ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته شڪار مان حاصل ٿيندڙ رقم جو 20 سيڪڙو حڪومت، جڏهن ته 80 سيڪڙو ڪميونٽي کي ڏنو ويندو آهي.

The post استور ۾ آمريڪي شهري پئسن عيوض مارخور جو شڪار ڪري ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages