ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. رپورٽن موجب بولان، سبي ۽ مستونگ سميت ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.0 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز سبي کان 43 ڪلو ميٽر اتر اولهه هو. زلزلي جي لوڏن سبب عوام ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو. The post بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جي لوڏا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment