نواز شريف ڪارڪنن کي احتجاج کان روڪي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

نواز شريف ڪارڪنن کي احتجاج کان روڪي ڇڏيو


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڪارڪنن کي احتجاج کان روڪيندي 23 مارچ تي رڳو پاڪستان جو ڏهاڙو ملهايو ۽ ملڪي ترقي توڙي خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وڃي. مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ڪارڪنن جي نالي پنهنجي پيغام چيو آهي ته مون کي خبر آهي ته منهنجي صحت بابت فڪر ڪندڙ ۽ پريشان ڪارڪن  پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ گڏ ٿيڻ چاهين ٿا ۽ منهنجي حق ۾ آواز اٿارڻ لاءِ شايد ڪو احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا  پر توهان سڀني کي درخواست آهي ته 23 مارچ تي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ رڳو پاڪستان جو ڏهاڙو ملهايو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وڃي. هن چيو ته پنهنجي چاهيندڙن جي جذبي جي بي حد قدر ڪيان ٿو،  جيل جي ڪوٺڙي ۾ الله رب العزت تي توڪل بعد توهان جي اها ئي محبت ۽ جذبو مون کي حوصلو ڏيندو آهي مان توهان سڀني کي اپيل ڪيان ٿو ته مون وانگر الله تعاليٰ جي ذات تي ڀروسو رکو، صبر جو دامن نه ڇڏيو، ڪنهن به قسم جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ پارٽي هاءِ ڪمان جي هدايت، پارٽي ڊسيپلين جو احترام ۽ پارٽي پليٽ فارم جو استعمال ضروري آهي.  اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ن هڪ ذميوار پارٽي آهي، اسان هميسه فيصلي ڪرڻ ۾ ملڪي مفاد کي مٿڀرو رکندي سياسي يا ذاتي مفاد کي پوئتي رکيو ۽ عجلت کان ڪم نه ورتو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان منهنجي دامن تي ڪرپشن يا بدعنواني جو ڪو به داغ ناهي.

The post نواز شريف ڪارڪنن کي احتجاج کان روڪي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages