وفاقي ڪابينا جو اجلاس 19 مارچ تي طلب - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

وفاقي ڪابينا جو اجلاس 19 مارچ تي طلب


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان 19 مارچ تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس جي ايجنڊا 30 نقطن تي ٻڌل هوندي.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ طلب ڪيل اجلاس ۾ روينيو ڊويزن ايف بي آر ۾ سڌارن جي تجويز ڪيل پلان تي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي.  وفاقي ڪابينا قومي زرعي ايمرجنسي پروگرام ۾ ٿيل اڳڀرائي تي غور ڪيو ويندو. متروڪا وقف املاڪ بورڊ جي چيئرمين ۽ وفاقي ڪابينا پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي سربراهن جي مقرري تي به غور ٿيندو. متروڪه وقف املاڪ بورڊ تي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ به ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. وفاقي ڪابينا طرفان انٽرٽينمنٽ ۽ گفٽ لاءِ بجيٽ ختم ڪرڻ جي به منظوري ايجنڊا ۾ شامل آهي. ايئر لائنز ۽ خانگي چارٽرز جي لائسنس جي منظوري ۽ واڌ ڊيٽ پاليسي ڪوآرڊينيشن آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي. اسلام آباد جي ماسٽر پلان  تي نظرثاني لاءِ جوڙيل ڪميشن ۾ تبديلي جو معاملو ۽ انفارميسن ٽيڪنالوجي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظور تي به غور ٿيندو. ڪابينا بين الصوبائي معاملن ۽ اطلاعات واري وزارت وچ ۾ يوٿ ڊولپمينٽ ٺاهه جي به منظوري ڏيندي.

The post وفاقي ڪابينا جو اجلاس 19 مارچ تي طلب appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages