اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي معاشي، دفاعي ۽ پرڏيهي چئلينجن تي ٽن وفاقي وزيرن جي اهم ملاقات ٿي آهي، جن ۾ اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي شامل هئا. ملاقات ۾ ٽنهي ملڪ جي معيشت، دفاع ۽ پرڏيهي معاملن سميت اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي استحڪام لاءِ سفارتڪاري جو قدم فائديمند ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير شاهه محود قريشي جو چوڻ هو ته ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ اي ويزا، سياحت، واپار ۽ اندروني سيڙپڪاري کي هٿي سنگ ميل ثابت ٿيندي. بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته پرڏيهي وزارت بهترين سفارتڪاري ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ڏانهن ڇڪايو. ان موقعي تي اسد عمر ۽ پرويز خٽڪ دنيا اڳيان پاڪستان جو اميج سٺي انداز ۾ اجاڳر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي مبارڪ ڏني.
The post اهم معاملن تي اهم شخصيتن جي ملاقات… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment