ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ پاڪستان سپر ليگ جي ناڪ آئوٽ مقابلي ۾ ڪراچي ڪنگز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ڪراچي طرفان مليل 162 رنسن جو ٽارگيٽ اسلام آباد يونائيٽيڊ 19.3 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ايليڪس هيلز 41، ڪيمرون ڊيلپورٽ 38 ۽ حسين طلعت 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته آخر ۾ آصف علي 10 بالن تي 20 ۽ فهيم اشرف 8 بالن تي 17 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 161 رنسون ٺاهيون. بابر اعظم 42، ڪولن منرو 32، ليونگ اسٽون 30 ۽ انگرام 23 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان عماد وسيم 13، ڊنڪ 12، محمد عامر 3، جڏهن ته افتخار احمد، عامر يامين ۽ عثمان شنواري تربيت وار 1-1 رنس ٺاهي. اسلام آباد طرفان محمد موسيٰ 3، فهيم اشرف 2، جڏهن ته شاداب خان ۽ رومان رئيس 1-1 وڪيٽ ورتي. پاڪستان سپر ليگ جو ٻيو ناڪ آئوٽ مقابلو سڀاڻي اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ٿيندو، جڏهن ته کٽيندڙ ٽيم آچر ڏينهن ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سان فائنل کيڏندي.
The post اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي پي ايس ايل کان ٻاهر ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:
Post a Comment